اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين، متاثرين جي امداد ۽ بحالي اسان جي گڏيل ذميواري آهي، گڏجي ڪم جاري رکنداسين، پاڻي جي وهڪرن تي قائم غيرقانوني اڏاوتن جو معاوضو ڪيستائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ادا ڪنديون رهنديون، ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ذميواريون وڌي ويون آهن، چين جي دوري دوران ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ چيني قيادت سان ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي پڻ شروعات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته تازي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ طوفاني برساتن سبب دريائن ۾ ٻوڏ آئي آهي خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ ڪلائوڊ برسٽ سان ايندڙ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، ٻه ڏينهن اڳ اسان بونير جو دورو ڪيو، اتي تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، اهڙي طرح سوات، شانگلا، صوابي، مانسهره ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ بي پناهه نقصان ٿيا آهن. هن چيو ته آفت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ خلوص سان تعاون ڪيو آهي، وفاقي وزيرن امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو، اطلاعات واري وفاقي وزير جيڪي ڪوششون ٿينديون رهيون آهن انهن کي اجاگر ڪيو آهي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي قيادت ۾ ڀرپور طريقي سان امدادي ڪم جاري آهن، امداد ۽ ريليف جي ڪمن ۾ وفاقي وزيرن، سيڪريٽرين ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين جو ڪم اهم رهيو، ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان پر اهو ڪم اڃا جاري آهي، ريسڪيو سرگرميون مڪمل ٿي ويون آهن، ريليف ۽ بحالي جو ڪم جيستائين مڪمل نه ٿو ٿئي سُک سان نه ويهنداسين، برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي معاوضي جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي پر جن جا پيارا دنيا مان هليا وڃن انهن جي لاءِ اهو بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو جڏهن ته زندگي کي معمول تي اڳتي وڌائڻ، علاج معالج، ڪاروبار ۽ ٻين ضرورتن سان اهي شيون واڳيل آهن، ان جي لاءِ اسان کي متاثرين جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪرڻ ۽ پوري خلوص سان سياست کان مٿانهون ٿي انهن جي مدد ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سربراهي ۾ پاڪ فوج امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، سپهه سالار مون سان گڏ بونير جو دورو ڪيو، اتي اسان کي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي نمائندن کانسواءِ ڪور ڪمانڊر پشاور ڀرپور پريزينٽيشن ڏني، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ڏورانهن علائقن ۾ وڃي متاثرين کي ڪڍيو، هيليڪاپٽر به امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، متاثرين جي امداد ۽ بحالي اسان جي گڏيل ذميواري آهي، گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته 2022ع ۾ سنڌ ۾ شديد آفت آئي هئي ۽ ان وقت سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو هو، ان کانسواءِ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به نقصان ٿيو هو، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي هئي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 100 فوتگيون ٿيون هيون جڏهن ته اربين ڊالر جو مالي نقصان ٿيو هو پر هن ڀيري سڄي ملڪ ۾ 700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن ۽ رڳو خيبرپختونخواهه ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، جبلن تان وڏا وڏا پٿر ۽ وڻ پاڻي سان گڏ وهي آيا ته انهن آڏو ڪير بيهي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته 2022ع ۾ معاشي نقصان تمام گهڻو ٿيو هو پر جاني نقصان گهٽ ٿيو هو، هن ڀيري جاني نقصان وڌيڪ ٿيو آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ان حوالي سان ذميواريون وڌي ويون آهن، ان جي لاءِ ماحولياتي تبديلي جي وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ تباهي آڻيندڙ برسات ٿي، سنڌ جي وڏي وزير سان به منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري سان به رابطو ٿيو آهي، اهڙي طرح گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به نقصان ٿيو آهي، گلگت بلتستان ۾ مون پاڻ دورو ڪيو، وفاقي حڪومت جي نمائندن اتي وڃي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي پر اها اسان سڀني جي هڪ گڏيل ذميواري آهي جنهن کي اسان کي نڀائڻو اهي، برساتن کان متاثر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي علائقن ۾ به بحالي جو ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڻي جي وهڪري تي قائم غيرقانوني اڏاوتن جو معاوضو ڪيستائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ادا ڪنديون رهنديون، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ به غيرقانوني اڏاوتن جي ڪري وڏي پئماني تي نقصان ٿيو هو، اسان کي انهن شين کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، دريائن ۾ هوٽلز ۽ ٻيون اڏاوتون نه ٿيڻ گهرجن، غيرقانوني اڏاوتن جي روڪٿام بابت اهم اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي، انساني ڪوتاهين جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ حادثن جي ڪا گنجائش نه آهي. هن چيو ته گليات ۾ ڪڏهن ڪو هڪ وڻ به نه ڪيرائي سگهندو هو، اڄ گليات ۾ وڻن جي واڍيءَ تي ڏک ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته چين جي پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، پرڏيهي وزارت ۾ هڪ ڀرپور اجلاس ٿيو آهي، منهنجي انهن سان انتهائي لاڀائتي ملاقات ٿي ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، چين پاڪستان دوستي وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ چين سدائين پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي ۽ دوستي جو هٿ وڌايو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري آهي، هِن چيو آئُون جلد چين جو دورو ڪري رهيو آهيان، چين جي دوري دوران ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي پڻ شروعات ٿيندي، چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ اهي سدائين وڌندا رهندا.