گڏيل قومون-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ  والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ جاري بربريت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻٽي معيار ۽ سياسي ايجنڊا کي ختم ڪيو وڃي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد دهشتگرد ڪاررواين سان عالمي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن جي موضوع تي مباحثي کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان کي واضح طور تي فرق ڪرڻو پوندو ته دهشتگردي ڇا آهي ۽ پرڏيهي قبضي خلاف عوام جي جائز جدوجهد ۽ خودمختياري واري حق لاءِ ڪوششون ڇا آهن، پرڏيهي قبضي کي دهشتگردي جي روڪٿام جي نالي تي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان سدائين دهشتگردي خلاف پهرين صف ۾ بيٺل رهيو آهي ۽ داعش / آءِ ايس آءِ ايل، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ ان جي مجيد برگيڊ خلاف ڄمي بيٺل آهي. هن خبردار ڪيو ته اها گروه افغانستان ۽ خطي ۾ هڪٻئي سان ويجهي تعاون سان پاڪستان خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن. پاڪستاني نمائندي وڌيڪ چيو ته رياستي دهشتگردي جو مسئلوو به عالمي برادري سامهون آهي، هن زور ڀريو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ شهري آبادي کي اجتماعي سزائون، انساني حقن جون خلاف ورزيون، جبري آبادياتي تبديليون ۽ دهشتگردي جي روڪٿام جا ڪوڙا بيان غير قانوني قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ جا حربا آهن. هن ٻڌايو ته افغانستان ۾ دهشتگردي پاڪستان ۽ خطي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، جتي ٽي ٽي پي جا 6 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد موجود آهن جيڪي افغانستان سرزمين تان ڪارروايون ڪندا آهن، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي ۾ ويجها رابطا آهن ۽ گڏيل دهشتگردي ڪيمپن ذريعي پاڪستان جي عوام، ان جي معاشي منصوبن ۽ اسٽريٽجڪ ڍانچي کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو بنيادي حريف خطي ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪندو آهي، دهشتگرد گروهن کي مالي مدد فراهم ڪندو آهي ۽ غير قانوني ڪاررواين ۾ ملوث آهي. هن ٻڌايو ته 6-7 مئي تي پاڪستان تي ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ 54 بي گناهه شهري شهيد ٿيا جن ۾ 13 عورتون ۽ کير پياڪ ٻارن سميت 15 ٻار به شامل هئا. هن خبردار ڪيو ته جڏهن رياستي دهشتگردي کي دهشتگردي جي روڪٿام وارو لباس پارايو وڃي ته سڀ کان پهرين عالمي امن متاثر ٿيندو آهي ۽ هي ڪائونسل خاموش نٿي رهي سگهي. سفير عاصم افتخار احمد زور ڀريو ته دهشتگردي اڄ صرف جنگ جي ميدان تائين محدود ناهي رهي پر هي آن لائن، ڊجيٽل فنانس ۽ الگورٿم تي ٻڌل آهي، ان لاءِ ان جي خلاف جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.