اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات جي عهدو ڇڏيندڙ سفير حمد عبيد الزعابي ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان – گڏيل عرب امارات لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. صدر سفير عبيد الزعابي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ڪامياب سفارتي مدي تي مبارڪباد ڏني. صدر آصف علي زرداري مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حمايت تي ٿورا مڃيا.