اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025ع منظور ڪري ورتو آهي. سينيٽ ۾ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ حڪم واضح ڪرڻ جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجازت ملڻ تي چيئرمين ايوان مان بل جي شق وار منظوري ورتي. جنهن کان پوءِ طلال چوڌري بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.