لاهور-17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارٽي ۽ تنظيمي معاملن تي به ڳالهه ٻُولهه ٿي.