اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقي بونير جو دورو ڪندو. جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي بونير جي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ سبب متاثرن سان ملاقات پڻ ڪندو.