لاهور-16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ سبب قيمتي حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيوآهي. پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي سندن ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهارڪندي هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ سبب قيمتي حياتين جو نقصان دل ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي. ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان جون همدرديون ڪي پي ڪي جي ڏکويل ڪٽنب سان آهن، محمد نواز شريف متاثرن لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪري، شهيدن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.