اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال يومِ آزاديءَ جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن اسان کي هن قرباني، جدوجهد ۽ ايمان افروز عزم جي ياد ڏياري ٿو جنهن عيوض اسان کي آزاد وطن نصيب ٿيو. پاڪستان حق جي ويڙهه جي علامت آهي جتي حق ۽ انصاف جي سربلندي، عوام جي فلاح ۽ قومي وقار جو تحفظ اسان جو عهد آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب يومِ آزاديءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آزاديءَ جو قدر تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان سڀ گڏجي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي خدمت لاءِ ڪم ڪريون. قومي صحت واري وزارت ان عزم کي ورجائي ٿي ته اسان هر پاڪستانيءَ کي معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻينداسين. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان پنهنجي شهيدن، بزرگن ۽ قومي هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ ان عهد جو تجديد ڪريون ٿا ته پاڪستان کي ترقي يافته، صحتمند ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.