اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي آزادي، اتحاد، عزم ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جو نتيجو آهي، اهي اصول اڄ به اسان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهن، حق جي ويڙهه ۾ هٿياربند فوج جي بهادري، قوم جي ثابت قدمي ۽ ان جي عزم کي ساراهيون ٿا، جنهن ۾ وطنِ عزيز جي وقار ۽ خودمختياريءَ جو دفاع ڪيو ويو. پاڪستان جي 78هين يومِ آزاديءَ تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير قوم کي دلي مبارڪون ڏيندي قائداعظم محمدعلي جناح، علامه اقبال ۽ تحريڪ پاڪستان جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي اتحاد، عزم ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جو نتيجو آهي، اهي اصول اڄ به اسان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهن، حق جي ويڙهه کي ياد ڪندي هن هٿياربند فوج جي بهادري، قوم جي ثابت قدمي ۽ ان عزم کي ساراهيو جنهن سان وطنِ عزيز جي وقار ۽ خودمختياريءَ جو دفاع ڪيو ويو. هن چيو ته هي قومي فخر جا اهي لمحا آهن جيڪي اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته آزاديءَ جي حفاظت، جرئت، نظم و ضبط ۽ قومي اتحاد سان ئي ممڪن آهي. هن وزيراعظم جي اڳواڻيءَ کي ساراهيو جنهن تحت ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو ويو. استحڪام جي راهه تي گامزن ڪيو ويو ۽ اقتصادي ترقيءَ جون ڪوششون ڪيون ويون. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو اتحاد، ايمان ۽ قربانيءَ جي جذبي کي برقرار رکن ته جيئن پاڪستان هڪ مضبوط، خوشحالي ۽ انصاف پسند ملڪ طور اُڀري.