اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) حج درخواستن جي وصولي جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي، وزارت جي آن لائن پورٽل ۽ نامزد بئنڪن ۾ حج درخواستن جي وصولي جاري آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق خرچن جي پهرين قسط سان درخواستن جي وصولي 16 آگسٽ تائين جاري رهندي. ٻئي مرحلي ۾ غير رجسٽرڊ حج پانڌيئڙا به درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني به ويجهن مائٽن ذريعي نامزد بئنڪن ۾ حج جي داخلا ڪرائي سگهن ٿا. پرڏيهه ۾ رهندڙ ملڪ واسي ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ ملڪ پهچڻ تي جمع ڪرائيندا. ڪوٽا مڪمل ٿيندي ئي حج درخواستن جي وصولي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو.