اسلام آباد-11 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اقليتن جي عالمي ڏينهن تي سينيٽ ۾ اقليتن بابت پارلياماني ڪاڪس جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڪاڪس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي به نمائندگي ڏني ويندي، جن جي نامزدگي اسپيڪر ڪندو. سينيٽ چيئرمين سينيٽ ۾ اقليتي برادريءَ سان تعلق رکندڙ سينيٽ ميمبرن طرفان مطالبي تي اهو اهم پارلياماني ڪاڪس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته عورتن ۽ اقليتن جي ڀلائي هميشه سندس ترجيحن ۾ شامل رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان مون هميشه ان ڳالهه کي يقيني بنايو ته عورتن ۽ اقليتن کي قومي ترقيءَ جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ کين ڀرپور نمائندگي فراهم ڪئي وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ اقليتن ۽ عورتن جي ترقي، خوشحالي ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سندن شموليت لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به خواهش آهي ته عورتن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳيان آندو وڃي، کين بااختيار بنايو وڃي ۽ قومي ادارن ۾ سندن شمويلت کي يقيني بنايو وڃي. هن چيو ته صدرِ مملڪت آصف علي زرداري پڻ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين ملازمتن ۾ عورتن ۽ اقليتن جي ڪوٽا ۾ واڌ ۽ سينيٽ ۾ اقليتن کي 4 سيڪڙو نمائندگي ڏيڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جو به ذڪر ڪيو. هن چيو ته اعليٰ فيصله سازيءَ جي عمل ۾ عورتن ۽ اقليتن کي ڀرپور نمائندگي ڏيڻ سندن معاشرتي ناانصافين جي تدارڪ ۾ مددگار ٿيندو، جنهن سبب اهي طبقا ماضيءَ ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مڪمل استعمال نه ڪري سگهي. سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ هڪ خاص قرارداد به پيش ڪئي ويندي ته جيئن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ اقليتن جي ڪردار کي باضابطه طور تي تسليم ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته اقليتن هميشه پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ ثقافتي ملڪ آهي جتي هر ٻولي، عقيدي ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ شهري ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ۾ ڀرپور حصو وِجهي رهيو آهي.