ڪينبرا – 11 آگسٽ (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز اعلان ڪيو آھي ته آسٽريليا ايندڙ مھيني سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي 80 ھين جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران فلسطني رياست کي باضابظه طور تسليم ڪندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ھن گذريل ڏينھن پارليامينٽ ھائوس ڪينبرا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي، جتي ھن سان گڏ پرڏيھي وزير پيني وونگ به موجود ھئي. آسٽريلوي وزيراعظم چيو ته ٻه رياستي حل ئي وچ اوڀر ۾ تشدد جي سلسلي کي ختم ۽ غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ، فلسطينين کي درپيش مسئلن ۽ بک جي خاتمي لاءِ بھترين اميد آھي. ھن چيو ته اسان جي ڪابينا گذريل ڏينھن فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي جي گڏيل طور تي منظوري ڏني جيڪا عالمي ڪوشش جو حصو آھي ته جئين ٻه رياستي حل جي حمايت ۾ تيزي آڻي سگھجي.