اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان ۾ اسپيزند اسٽيشن ويجهو ريلوي ٽريڪ تي آءِ اي ڊي ڊيوائس جي ڌماڪي سان ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ 39 اپ جعفر اڪيسپريس جون 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جڏهن ته سمورا مسافر محفوظ رهيا، ريلوي ۽ سيڪيورٽي ادارن جون ٽيمون موقعي تي موجود هيون ۽ امدادي ڪارروائين جي شروعات ٿي وئي آهي. ريلوي وزارت پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ريلوي انتظاميه مسافرن کي ڪوئٽا واپس آڻيندي. سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ کان پوءِ ڪوئٽا کان ٽرين آپريشن شروع ڪيو ويندو. ريلوي واري وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.