واشنگٽن -10 آگسٽ (اي پي پي) پنج مهينا اڳ خلا ۾ ويل 4 خلا باز ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جي ڪيپسول ذريعي زمين تي واپس پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب اهي خلاباز خلائي تحقيق جي اداري ناسا جي اسٽار لائنر تي مقرر  ڪيل ٻن خلابازن جي جاءِ وٺڻ لاءِ مارچ  ۾ عالمي خلائي اسٽيشن تي ويا هئا. انهن خلابازن کي کڻي اسپيس ايڪس ڪيپسول عالمي خلائي اسٽيشن تان روانگي کان هڪ ڏينهن پوءِ ڏکڻ ڪيليفورنيا جي سامونڊي ڪناري ويجهو پيرا شوٽ جي مدد سان ماٺي سمنڊ ۾ لٿا، واپس آيل خلابازن ۾ ناسا جو اين ميڪ ڪلين ۽ نڪول ايئرز، جاپان جو تاڪوشيا اونيشي ۽ روس جو ڪيريل پسڪوف شامل آهن.