تهران-08 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله علي خامنه اي علي لاريجاني کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آيت الله علي خامنه اي هڪ فرمان جاري ڪندي علي لاريجاني کي اعليٰ قومي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان مقرري کانپوءِ لاريجاني کي ڪائونسل ۾ باقاعده ميمبرشپ ۽ ووٽ ڏيڻ جو اختيار حاصل ٿي ويو آهي، جيڪو کيس تهران جي اعليٰ سطح جي فيصله سازي جي نظام ۾ وڌيڪ مستحڪم مقام عطا ڪري ٿو. اها مقرري ايراني صدر مسعود پيزشڪيان طرفان علي لاريجاني کي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آئي آهي.