واشنگٽن – 07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل آمريڪا ۾ وڌيڪ 100 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو اعلان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ ھائوس ۾ ايپل جي سي اي او ٽم ڪڪ سان گڏجي ڪيو ۽ ان کي آمريڪا ۾ ايپل طرفان سڀ کان وڏي سيڙپڪاري قرار ڏنو آھي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته ايپل آمريڪا ۾ وڌيڪ 100 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو جنھن سان ايندڙ 4 سالن ۾ ان جي مجموعي سيڙپڪاري 600 ارب ڊالر تائين پھچي ويندي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايپل پنھنجي مقامي سپلائي چين تي خرچن ۾ وڏي پيماني تي اضافو ڪندو. فيبروري ۾ ايپل اعلان ڪيو ھو ته ھو آمريڪا ۾ 500 ارب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪندي ۽ 20 ھزار ماڻھن کي نوڪريون ڏيندي. ٽم ڪڪ اوول آفيس ۾ چيو ته رڳو ھن سال آمريڪا جا ڪارخانا 19 ارب چپس تيار ڪرڻ جون تياريون ڪري رھيا آھن جيڪي ايپل ڪمپني لاءِ مختلف رياستن ۾ موجود 24 فيڪٽرين ۾ ٺاھيون وينديون. ٽم ڪڪ وڌيڪ وضاحت ڪئي ته جيتوڻيڪ آءِ فون جا ڪيترائي پرزا آمريڪا ۾ تيار ڪيا ويندا پر مڪمل اسمبلنگ پرڏيھي ملڪن ۾ ئي ڪئي ويندي.