گڏيل قومون-07 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن عالمي امن لاءِ دنيا مان ايٽمي هٿيار ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. اهو پيغام گذريل ڏينهن جاپان جي شهر هيروشيما ۾ ايٽمي حملي جي 80 هين ورسي تي پيس ميموريل تقريب ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت نمائندي ازومي ناڪاميتسو اداري جي سربراهه انتونيوگوتريش پاران جاري ڪيو. هن چيو ته دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ عالمي امن لاءِ ضروري آهي. هن خبردار ڪيو ته ايٽمي جنگ جو خطرو وڌي رهيو آهي ۽ ايٽمي هٿيار هڪ ڀيرو ٻيهر دٻاءُ وجهڻ وارن هٿيارن طور استعمال ٿي رهيا آهن. هن ايٽمي حملن کان بچي ويلن کي امن جي نشاني قرار ڏيندي چيو ته انهن جون شاهديون هميشه دنيا کي ايٽمي تباهي کان بچائڻ جو پيغام ڏينديون رهنديون. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته ايٽمي جنگ جي خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ايٽمي هٿيارن جو مڪمل خاتمو ضروري آهي. هن چيو ته اچو ته ايٽمي هٿيارن جي خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ انهن هٿيارن کي دنيا مان ختم ڪريون. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هاڻي به عالمي سطح تي امن جا حامي موجود آهن.