اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) چين جي خانگي ڪاروباري ادارن جي نمائنده تنظيم فيڊريشن آف انڊسٽري اينڊ ڪامرس (اي سي ايف آءِ سي) جي اعليٰ سطحي وفد چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان (سي سي پي) جو دؤرو ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر يي جيانگ ڪئي، جڏهن ته وفد جي ٻين ميمبرن ۾ لاجسٽڪس اينڊ ٽوئرازم جي ڊائريڪٽر دوزونگ يانگ، ڊائريڪٽر گي شو ۽ ايم ڊي ليوياٿن هولڊنگز لميٽيڊ منگ چيان سن شامل هئا. چٽاڀيٽي ڪميشن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سِڌو وفد کي پاڪستان جي مارڪيٽن جي سگهه، صلاحيت، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني. هن مارڪيٽ ۾ مقابلي، چٽاڀيٽي ۽ هڪ هٽيءَ جي ناجائز استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪميشن جي ڪوششن کان آگاهه ڪندي چيو ته سي سي پي ڪاروباري ادارن لاءِ برابريءَ جي سطح تي مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائي ٿي، جنهن جو مقصد سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ڪرڻ آهي. ان موقعي تي چيني سيڙپڪارن پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي، صحت، اسڪول، ايجوڪيشن ۽ لاجسٽڪس جي مارڪيٽن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هنن منصفاڻي چٽاڀيٽي ۽ مارڪيٽ جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪميشن جي ڪردار کي به ساراهيو. واضح رهي ته اي سي ايف آءِ سي چين جي نجي شعبي جي معاونت ۽ ڪاروباري ادارن ۽ حڪومت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي جيڪو 3 هزار کان وڌيڪ علائقائي فيڊريشنز ذريعي صنعت، واپار، ٽيڪنالاجي، مينيوفيڪچرنگ ۽ واپار جي شعبن ۾ فعال ڪردار سان گڏوگڏ پاليسي سڌارن تي اثر انداز ٿي جٽادار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ کي يقيني بڻائي ٿو. ڪميشن جي چيئرمين پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان وفد جي دلچسپيءَ جي آجيان ڪئي.