اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت ڪنهن به وفاقي اداري جي ملازمن کي ناهي ڪڍي رهي، يوٽيلٽي اسٽورز کي فعال بنائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران وفاقي وزير چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي ماهوار 60 کان 70 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو هو. يوٽيلٽي اسٽورز کي بند نه ڪيو وڃي ها ته نقصان اربن رپين تائين پهچي وڃي ها. ملازمن جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايت تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. سندن معاملو خوش اسلوبي سان طئي ڪيو آهي، ملازمن کي گولڊن هيڊ شيڪ ڏنو پيو وڃي.