ڪولالمپور -04 آگسٽ (اي پي پي) ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ابراهيم 5 آگسٽ کان روس جو دورو ڪندو، جتي هو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڳالهيون ڪندو. سندس اهو دورو 10 آگسٽ تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم جو خاص جهاز  رائل ملائيشين ايئر فورس جي اڏي تان روانو ٿي ويو. ملائيشيا جي ڪنهن به ملڪي سربراهه جو 1967ع کان پوءِ روس جو اهو پهريون دورو هوندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1967ع ۾ قائم ٿيا هئا.