اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس جي سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته 4 آگسٽ جو ڏينهن ملڪ جي اندروني سلامتي جي محافظن جي نالي ڪجي ٿو جن پنهنجيون قيمتي حياتيون قربان ڪري رياستي عملداري کي يقيني بڻايو. يوم شهداءِ پوليس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته پوليس جي سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو، انهن عظيم محافظن کي سلام پيش ڪيان ٿو جن شهادت جي بلند مرتبي تي رهي پاڻ کي امر بڻايو. هن چيو ته دهشتگردي، ڏوهن ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف بهادري سان وڙهندي حياتيون قربان ڪندڙ پوليس آفيسر ۽ جوان قوم جا هيرو آهن. هن چيو ته پوليس جي شهيدن فرض نڀائيندي پنهنجون حياتيون قربان ڪري تاريخ ۾ پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪيو، رياست انهن عظيم خاندانن جي قرضي آهي جن جي پٽن امن ۽ تحفظ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون. گهرو وزير چيو ته شهيد ايس ايس پي اشرف مارٿ، شهيد ڪيپٽن مبين ۽ سمورا پوليس جا شهيد جوان اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندا. هن چيو ته اسان هر گهڙي پوليس جي شهيدن جي خاندان سان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين، اها قوم هميشه سرخرو ٿيندي آهي جيڪا پنهنجي شهيدن جو احترام ڪندي آهي. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ضمير سامهون عهد ڪيون ٿا ته نه اسان پوليس جي شهيدن کي وسارينداسين ۽ نه ئي انهن جي خاندانن کي اڪيلو ڇڏينداسين.