اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران  ٻه طرفه معاشي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ واپاري، سرحدي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايراني صنعت، کاڻيون کوٽڻ ۽ واپار واري وزير محمد اتابڪ سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران واپاري ۽ سرحدي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي وزيرن جي ملاقات ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي ٻن ڏينهن واري سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿي. واپار واري وزارت مطابق اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ ٻنهي وزيرن واپار کي هٿي ڏيڻ، سرحدي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ ترجيحي شعبن ۾ اعتماد جوڳو سهڪار جا نوان رستا ڳولهڻ تي زور ڀريو. ايراني وزير محمد اتابڪ پاڪستان جي حڪومت ۽ واپار واري وزارت جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي ٽيم سميت فوري ۽ سنجيده ڪوششون نه ڪريو ها ته اسان انهي هنڌ تائين نه پهچي سگهون ها، ضروري آهي ته ان اڳڀرائي کي منظم ۽ نتيجي جوڳي واپاري ڍانچي ۾ آندو وڃي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به ان جذبي جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي حڪومتن ۽ ٻنهي شعبن ۾ ڀرپور عزم ۽ جذبو موجود آهي. سفارتڪاري ۾ هڪ لمحو ايندو آهي جڏهن جذبو ڀرپور هوندو آهي ۽ هي اهو ئي لمحو آهي جڏهن اسان کي فوري قدم کڻڻو پوندو، ڇو جو دير معاملن کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏيندي آهي. هن زور ڀريو ته جذبي ۽ سياسي عزم کان پوءِ ئي رسمي قدم کنيا ويندا آهن ۽ پاڪستان ايران سان معاشي لاڳاپن کي جوائنٽ ايڪنامڪ ڪميشن، بزنس ٽو بزنس ملاقاتن ۽ شعبا جاتي واپاري وفدن ذريعي وڌيڪ مضبوط  ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ٻنهي وزيرن زراعت، لائيو اسٽاڪ، خدمتن، توانائي ۽ سرحد پار لاجسٽڪ جهڙن مخصوص شعبن جي نشاندهي ڪندي چيو ته اهي شعبا گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڄام ڪمال خان تجويز ڏني ته وفاقي ۽ صوبائي صنعتن ۽ واپار وارن ايوانن جي نمائندن تي ٻڌل واپاري وفد جوڙيا ويندا ته جيئن مارڪيٽ تائين پهچ، قائدن ۽ ضابطن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ممڪن ٿئي. هن چيو ته اسان ان ماڊل کي بيلاروس سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪاميابي سان آزمايو آهي ۽ چاهيون ٿا ته ايران سان به صلاحيتن تي ٻڌل شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌايو وڃي ته جيئن ٻه طرفه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان حقيقي فائدو حاصل ڪري سگهجي. ٻنهي وزيرن موجوده واپاري راهدارين ۽ سرحدي سهولتن جي وڌيڪ استعمال تي به اتفاق ڪيو. ڄام ڪمال خان علائقائي واپار جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته آسيان ملڪن ڪهڙي طرح پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان واپار ذريعي ترقي جون منزلون طئي ڪيون. هن چيو ته جاگرافيا ۽ نعمت آهي، پاڪستان ۽ ايران کي گهٽ فاصلي جي فائدي کي استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان اهو موقعو وڃايون ٿا ته وقت ۽ خرچ ٻنهي جو نقصان ٿيندو. هن اڳڪٿي ڪئي ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن پنهنجي صلاحيتن کي مڪمل طور تي استعمال ڪن ته گڏيل واپار ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 5 کان 8 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي واپاري شراڪتداري ترڪيه، وچ ايشيا، روس ۽ وچ اوڀر تائين پکڙجي هڪ وسيع، طاقتور، علائقائي واپاري بلاڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. ايران جي وزير محمد اتابڪ هر اعليٰ سطحي دوري دوران هڪ خصوصي بي ٽو بي ڏينهن مختص ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته اسان ايران مان واپاري وفدن کي پاڪستان آڻڻ لاءِ تيار آهيون. هن پاڪستان جي روانگي واپار م اضافي لاءِ جاري ڳالهين جو ذڪر ڪندي ٻنهي حڪومتن تي زور ڀريو ته هو نون معاهدن تي جلدي عمل کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا واپاري ۽ صنعتڪار تيار آهن، هو هڪ ٻئي تي اعتماد ڪن ٿا. کين اسان طرفان رڳو هڪ واضح ۽ مسلسل سهولتي نظام جي ضرورت آهي، ڳالهين ۾ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران جي عوام وچ ۾ ثقافتي ۽ انساني هم آهنگي ٻه طرفه لاڳاپن جو بنياد آهي، ڄام ڪمال خان خصوصي اڪنامڪ فري زون  جي سي اي او سان هڪ تازي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته هن بلوچي ٻولي ۾ ڳالهايو، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرن رابطن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اهو رڳو واپار ناهي، پر عوامي رابطن جي ڳالهه آهي، اسان جي واپارين وچ ۾ جيڪي لاڳاپا ۽ اعتماد آهي اهي پائيدار اقتصادي انضمام جي سڀ کان وڌيڪ مضبوط بنياد بڻجي سگهن ٿا. ملاقات جي آخر ۾ ٻنهي وزيرن پاڪستان ايران جوائنٽ اڪنامڪ ڪميشن جي ايندڙ اجلاس کي جلد کان جلد منعقد ڪرڻ، عوامي ۽ نجي شعبن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ ۽ سرحدي سهڪار ۽ واپاري لاجسٽڪ کي پهرين ترجيح ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات جو پيغام اهو هو ته ”هي وقت قدم کڻڻ جو آهي“. اعليٰ سياسي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد سان پاڪستان ۽ ايران اسٽريٽجڪ اقتصادي شراڪتداري جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهن. جيڪو پوري خطي جي واپار جو منظرنامو تبديل ڪري سگهي ٿو.