تهران -03 آگسٽ (اي پي پي) ايران هوائي حدن تي لاڳو ڪيل سموريون پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل سان 12 ڏينهن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ هوائي حدن تي لڳايل سموريون پابنديون مڪمل طور تي ختم ڪيون ويون آهن ۽ سموريون ڏيهي ۽ پرڏيهي اڏامون مڪمل طور تي بحال ٿي چڪيون آهن. تهران جو مهرآباد ايئر پورٽ 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. واضح رهي ته ايران 13 جون کان هوائي حدون بند ڪيون هيون جن کي مرحليوار 26 جون کان کولڻ شروع ڪيو ويو ۽ هاڻي سمورين هوائي حدن جي مڪمل طور تي بحال ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.