اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي)آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) ٽنڊو الهيار جي چاڪر – 1 ايڪسپلوريٽري ويل مان تيل دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان موجب اها دريافت ٽي اي وائي ايڪلسپوريشن لائسنس تحت ڪئي وئي آهي جنهن ۾ او جي ڊي سي ايل جو حصو 95 سيڪڙو ۽ جي ايڇ پي ايل جو حصو 5 سيڪڙو آهي. چاڪر – 1 کوهه 2 جون 2025ع تي ٽي اي وائي ايڪسپلوريشن لائسنس تحت ايڪسپلوريٽري کوهه طور کوٽيو ويو هو .کوهه کي 1926 ميٽر اونهائي تائين کوٽيو ويو آهي ، وائر لائن لاگز ۽ ريزر وائر ايويليوايشن سروسز (آر اي ايس) لاگ جي تشريح جي بنياد تي سينڊ – بي زون ۾ ڊرل اسٽريم ٽيسٽ (ڊي ايس ٽي) ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ان جي اليڪٽريڪل سمبرسبل پمپ (اي ايس پي) ذريعي ٽيسٽنگ ڪئي وئي، کوهه مان 64/32 تي 400 پي ايس آءِ ويل هيڊ فلوئنگ پريشر سان روزاني 275 بيرل ڪچي تيل جي پيداوار حاصل ٿيندي. جڏهن ته آر اي ايس ذريعي فارميشن ٽيسٽنگ دوران لوئر رنيڪوٽ فارميشن ۾ به پڻ تيل جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن. هائيڊرو ڪاربن پوٽينشل جي وڌيڪ جاچ پڙتال لاءِ ان ڊي ايس ٽي/اي ايس پي ٽيسٽ جاري آهي. او جي ڊي سي ايل جو چوڻ آهي ته ملڪ جون توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ ان شعبي جي ترقي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.