ڪراچي-01 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان برطانيا جي ھاءِ ڪمشنر جين ميريٽ گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنھن ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي برٽش ڊپٽي ھاءِ ڪمشنر لينس ڊوم ۽ پوليٽيڪل ايڊوائزر ھديَ اڪرام بھ موجود هئا. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات ۾ تعليم، صحت، عورتن جي ڀلائي، کين بااختيار بنائڻ، ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي وٺائڻ ۽ غزا جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهھ ٻولھه ڪئي وئي. گورنر برطانيا جي غزه بابت موقف جي واکاڻ ڪندي برطانوي ھاءِ ڪمشنر جا پي آءِ اي جي جھازن جي بحالي تي ٿورا مڃيا. جين ميريٽ گورنر جي گھرواريءَ ۽ صوبي جي فرسٽ ليڊي سان پڻ ملاقات ڪئي. ان کان اڳ گورنر  بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تھ صوبي ۾ 50 ھزار نوجوان آءِ ٽي ڪورسز ڪري رھيا آھن، جن مان ڪيترائي تربيت دوران ئي ھزارين ڊالر ماھوار ڪمائي رھيا آھن.