بيجنگ-31 جولاءِ (اي پي پي) چين جي شهر شنگهائي ۾ طوفان اچڻ جي امڪان سبب 2 لک 83 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شنگهائي سينٽرل ميٽرولاجيڪل آبزرويٽري منجهند جو طوفان جي الرٽ کي اپگريڊ ڪيو آهي. شنگهائي ۾ اٽڪل 2 لک 83 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته طوفان سبب شديد برساتن ۽ تيز هوا جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه روس ۾ 8.8 جي شدت جي زلزلي بعد چين ڪجهه اوڀر وارن سامونڊي حدن لاءِ سونامي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.