جميڪا -29 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي-20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ پهرين آگسٽ تي کيڏيو ويندو، اهو ميچ رات جو فلڊ لائيٽن جي روشني ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي ۽ ويسٽ انڊيز خلاف 3 ٽي-20 ۽ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ٽي-20 ميچن ۾ سلمان علي آغا ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻيو ميچ 3 آگسٽ تي کيڏيو ويندو جڏھن ته ٽيون ۽ آخري ٽي-20 ميچ 4 آگسٽ تي کيڏيو ويندو. ٽي-20 ميچن جي سيريز جا سمورا ميچ رات جو فلڊ لائيٽ جي روشني ۾ کيڏيا ويندا. جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، جنهن جو پهريون ميچ 8 آگسٽ تي کيڏيو ويندي، ٻي ميچ 10 آگسٽ تي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري انٽرنيشنل ون ڊي ميچ 12 آگسٽ تي کيڏي ويندو. ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان جي قيادت بهترين وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان ڪندو.