جميڪا – 28 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي-20 ميچن تي ٻڌل سيريز جو پنجون ۽ آخري ميچ اڄ 29 جُولاءِ تي وارنر پارڪ، باسيٽر، سينٽ ڪٽس ۾ کيڏيو ويندو. آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آھي. جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ۽ 5 ٽي-20 عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏجي چڪي آھي، جنھن ۾ مھمان آسٽريلوي ٽيم ميزبان ويسٽ انڊيز ٽيم خلاف 0-3 تان ڪلين سوئيپ ڪيو ھو. ٽي-20 سيريز جون 4 ميچون کيڏجي چڪيون آھن جنھن ۾ مھمان آسٽريلوي ٽيم کي برتري حاصل آھي. ٽي-20 سيريز ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت مچل مارش ڪري پيو جڏھن ته ميزبان ويسٽ انڊين ٽيم جي قيادت وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين بازشائي ھوپ ڪري رهيو آهي. مھمان ڪينگروز جي ٽيم کي ميزبان ويسٽ انڊين ٽيم خلاف ٽي-20 سيريز ۾ 0-4 جي فيصلائتي برتري حاصل ٿي چڪي آھي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ پنجون ۽ آخري ٽي-20 ميچ 29 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس ۾ کيڏيو ويندو.