جميڪا – 25 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي-20 ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٽيون ميچ 26 جُولاءِ تي وارنر پارڪ، باسيڙ، سينٽ ڪٽس ۾ کيڏيو ويندو. آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آھي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ۽ 5 ٽي-20 عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي وئي آھي جنھن ۾ مھمان آسٽريلوي ٽيم ميزبان ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 3-0 تان ڪلين سوئيپ ڪيو ھو. ٽي-20 سيريز جون ٻه ميچون کيڏجي چڪيون آھن جن ۾ مھمان آسٽريلوي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽيون ٽي-20 ميچ ڇنڇر ڏينھن سينٽ ڪٽس، چوٿون ٽي-20 ميچ 27 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس جڏھن ته پنجون ۽ آخري ٽي-20 ميچ 29 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس ۾ کيڏيو ويندو.