سکر-22 جولاءِ (اي پي پي)وزير اعظم يوٿ پروگرام ۽ لاھور قلندرز جي تعاون سان سکر جي پي سي بي گرائونڊ ۾ نوجوانن کان ڪرڪيٽ لاءِ ٻن ڏينهن جي ٽرائل وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.ان سلسلي ۾ پھرئين ڏھاڙي سکر، خيرپور، گھوٽڪي، شڪارپور ۽ ٻين شهرن جي 15 کان 25 سالن جي عمر جي ڪيترن ئي نوجوانن ٽرائلز ۾ حصو ورتو، جڏھن تہ ٻئي ڏھاڙي ڇوڪرين جا ٽرائلز منعقد ٿيندا. ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر فھد شفيق ۽ لاھور قلندرز جي هيڊ ڪوچ رياض آفريدي ٽيلينٽ هَنٽ پروگرام تحت جاري ٽرائلز جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو پڻ موجود ھيو. چيئرمين ضلع ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ چيو تہ سکر ڊويزن جي نوجوانن کان ٽيلنٽ ٽرائل وٺڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي، ھن چيو تہ لاھور قلندرز ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون، جيڪي هتي ٽيلنٽ ڳولھڻ لاءِ آيا آهن، نہ رڳو سکر پر سڄي سنڌ ۾ بہ اسان هنن سان مڪمل سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ھن چيو تہ سنڌ جا ماڻھو سمجھن ٿا تہ کين اهڙا موقعا نہ ملندا آهن پر هاڻ سنڌ مان بہ ٽيلنٽ نڪرندو. چيئرمين ضلع ڪائونسل سکر يقين ڏياريون ٿا تہ ٽيلنٽ هَنٽ پروگرام ڪامياب ٿيندو، جنھن لاءِ اسان جو مڪمل سھڪار حاصل ھوندو. وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر فھد شفيق ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سخت گرمي جي باوجود نوجوان ڪرڪيٽ لاءِ ٽرائلز ڏئي رهيا آهن، ڪميل حيدر شاھ سکر ۾ مڪمل سھڪار ڪيو آهي، اسان سندس شڪرگذار آهيون. فھد شفيق چيو تہ انھيءَ ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي ته سنڌ حڪومت طرفان اسان کي پوري مدد ملي آهي. ھن چيو تہ اسين چاهيون ٿا تہ سنڌ جا ٻار بہ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪرڪيٽ کيڏن. ھن چيو تہ مستقبل ۾ به سنڌ حڪومت، ضلع ڪائونسل سکر ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام گڏجي نوجوانن لاءِ پروگرام ترتيب ڪندا. ھن چيو تہ سنڌ جي هر شھر، ڳوٺ ۽ علائقي جي ٻارن کي هر راند ۾ موقعا ڏنا ويندا. ھن وڌيڪ چيو تہ وزيراعظم ڊجيٽل حب آن لائن پليٽ فارم آهي، نوجوان اتي پنهنجي لاءِ موقعا تلاش ڪري سگهن ٿا. ھن چيو تہ پاڪستان جي جنھن بہ شھر ۾ نوجوانن کي ضرورت پوندي، اسين اتي گڏجي مڪمل موقعو فراهم ڪنداسين. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تہ شاهنواز ڏاھاڻي جي فٽنيس جو مسئلو آهي، کيس هرگز نظرانداز ڪو نہ ڪيو ويو آهي. لاھور قلندرز جي هيڊ ڪوچ رياض آفريدي چيو تہ لاھور قلندرز ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ٽيلنٽ هَنٽ مھم ڪاميابي سان جاري آهي، ھن چيو تہ بلوچستان ۾ ٽرائلز وٺندي پنج ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، بلوچستان جي پنجن ٽيمن جو ٽورنامينٽ ڪرايو ويندو، پوءِ هڪ گڏيل ٽيم جوڙي ويندي. ھن وڌيڪ چيو تہ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ بہ پنج ٽيمن جو ٽورنامينٽ ڪرائي بھترين رانديگر چونڊيا ويندا. ھن چيو تہ ھتي تمام گھڻو ٽيلينٽ آھي، ٽئلنٽيڊ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ضرور ملڻ کپن. لاھور قلندرز جي ڪوچ رياض آفريدي وڌيڪ چيو تہ اسان کي هتي 140 ڪلوميٽر/آور کان تيز بال ڪرڻ وارا بالر مليا، جڏهن تہ سٺا بيٽسمين پڻ مليا آهن. ھن چيو تہ اڄ (23 جولاءِ) تي هتي ڇوڪرين جا پڻ ٽرائلز ٿيندا، اسان چاهيون ٿا تہ کين بہ پورو موقعو ملي.