ڍاڪا – 21 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي-20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 22 جُولاءِ تي کيڏيو ويندو. اھو ميچ شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. بنگلاديش جي ٽيم کي مھمان پاڪستان جي ٽيم خلاف سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آھي. ميزبان ٽيم پھرين ٽي-20 ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم کي 7 وڪٽن تان شڪست ڏني ھئي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پنھنجي بنگلاديش جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي-20 عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. 3 ٽي-20 ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت مشهور آل رائونڊر سلمان آغا ڪندو جڏھن ته ميزبان بنگلاديشي ٽيم جي قيادت مشهور وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين لٽن داس ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي-20 ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ 22 جولاءِ تي کيڏيو ويندو جڏھن ته ٽيون ۽ آخري ميچ 24 جولاءِ تي کيڏيو ويندو. ٽن ٽي-20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جا ٽئي ميچ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏيا ويندا.