واشنگٽن – 17 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست الاسڪا جي سامونڊي علائقي سينڊ پوائنٽ جنھن کي پوپوف ٻيٽ به چيو ويندو آھي ۾ 7.3 جي شدت واري زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنھن کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي عرضيات کاتي جي سروي ۾ چيو ويو آھي ته زلزلي جا لوڏا مقامي وقت مطابق گذريل ڏينھن اٽڪل 12 لڳي 37 مٽن تي محسوس ڪيا ويا جنھن جو مرڪز ٻيٽ جي شھر سينڊ پوائنٽ کان اٽڪل 54 ميل (87 ڪلو ميٽر) ڏکڻ ۾ ھو جيڪو 20.1 ڪلو ميٽر جي ڀيٽ ۾ گھٽ اونھائي ۾ ھو. اختيارين زلزلي جي لوڏن کانپوءِ ڏکڻ الاسڪا ۽ ٻيٽ نما الاسڪا لاءِ سونامي واننگ جاري ڪري ڇڏي. الاسڪا جي شھر پالمر ۾ قائم نيشنل سونامي وارننگ سينٽر (اين ٽي ڊبليو سي) چيو آھي ته سونامي جي تصديق ٿي وئي آھي ۽ ڪجھه اثر به ظاھر ٿيا آھن. مرڪز چيو ته ڏکڻ الاسڪا ۽ ٻيٽ نما الاسڪا، سمنڊ الڪاھل جي سامونڊي علائقن ڪينيڊي انٽرينس سان اونيمڪ پاس تائين جي علائقن لاءِ وارننگ جاري ڪئي وئي آھي. واضح رھي ته الاسڪا زلزلي جي لوڏن جي لحاظ کان فعال پيسيفڪ رنگ آف فائر جو حصو آھي. اي پي پي / پ – ر/م – ش/ر – م 12:32