اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته سامونڊي معاملن واري وزارت ۾ جديد مانيٽرنگ روم قائم ڪيو ويندو، ڊرونز ۽ مصنوعي ذهانت سان ڪنٽينر ڪليئرنس جي سمورن مرحلن جي نگراني ٿيندي، هر مرحلو جهاز کان ڪليئرنس تائين ڊجيٽل ٽريڪنگ سان مانيٽر ڪيو ويندو. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ ايف بي آر هيڊڪوارٽر ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بندگارهه تي ڪنٽينرز جي قيام جو مدو 70 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، ڪليئرنس ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ اعليٰ اختيارن واري  ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي جي سربراهي ايڊيشنل سيڪريٽري ميري ٽائم افيئرز عمر ظفر شيخ ڪندو. هن چيو ته ايف بي آر، ڪسٽمز، ڪي پي ٽي ۽ ٻيا ادارا ڪميٽي ۾ شامل هوندا، ڪميٽي کي 10 ڏينهن ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، سامونڊي معاملن واري وزارت ۾ جديد مانيٽرنگ روم قائم ڪيو ويندو، ڊرونز ۽ مصنوعي ذهانت سان ڪنٽينر ڪليئرنس جي سمورن مرحلن جي نگراني ٿيندي، هر مرحلو جهاز کان ڪليئرنس تائين ڊجيٽل ٽريڪنگ سان مانيٽر ڪيو ويندو، ڪنٽينرز جي دير سان ڪليئرنس تي آمدني واپار ۽ روانگي واپار ڪندڙن تي اضافي مالي بار پوي ٿو.