ڪراچي-08 جولاءِ (اي پي پي) عالمي ۽ قومي ايوارڊ ماڻيندڙ انسان دوست عبدالستار ايڌي جي نائين ورسي اڱارو 8 جُولاءِ تي ڪراچي جي ميٺادر علائقي ۾ ايڌي فائونڊيشن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ملهائي وئي. ان موقعي ٿي عبدالستار ايڌي جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪرائي وئي، جنهن ۾ مرحوم انسان دوست عبدالستار ايڌي جي پٽ ۽ ايڌي فائونڊيشن جي موجوده سربراهه فيصل ايڌي پنهنجي زال، ڀيڻ، سوين فائونڊيشن جي ڪارڪنن، ملازمن ۽ مداحن سان گڏ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ايڌي جي انسانيت جي خدمت لاءِ زندگي ڀر جي وابستگي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي فلاحي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۾ سندس ڪوششن کي ياد ڪيو. 28 فيبروري 1928 تي گجرات، برطانوي هندستان ۾ جنم وٺندڙ عبدالستار ايڌي 1951 ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي فلاحي خدمتن جي شروعات ڪئي. هن دنيا جي سڀ کان وڏي رضاڪار ايمبولينس سروس قائم ڪئي ان سان سان گڏ ملڪ جي بي گهر ماڻهن، يتيم خانن ۽ جانورن جي سنڀال جا مرڪز پڻ قائم ڪيا. سندس انساني خدمت جي ڪمن سبب کيس ڪيترائي عالمي ۽ قومي ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ ايشيائي نوبل، لينن امن انعام ۽ پاڪستان جو اعليٰ ترين شهري اعزاز، نشان امتياز شامل آهن. ايڌي فائونڊيشن پنهنجي امدادي خدمتن کي پاڪستان کان ٻاهر به وڌايو جنهن ۾ بنگلاديش، افغانستان، ايران، لبنان، سريلنڪا، ڪروشيا، انڊونيشيا ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ شامل آهن۔ عبدالستار ايڌي 8 جولاءِ 2016ع تي ڪراچي ۾ 88 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.