باڪو -08 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني وفد سان گڏ آذربائيجان جي ملي مجلس جو دورو ڪيو. ملي مجلس آمد تي اسپيڪر ملي مجلس صاحبه غفارووا، سردار اياز صادق ۽ پاڪستان جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪئي. اسپيڪر آذربائيجان جي ملي مجلس جي اسپيڪر سان به ملاقات ڪئي. اسپيڪر مجلس ۾ شاندار آجيان تي ملي مجلس جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پارلياماني سهڪار، اقتصادي شراڪتداري ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر ڪشمير مسئلي، غزه ۾ انساني بحران ۽ ايران اسرائيل ڇڪتاڻ تي آذربائيجان جي جرئتمنداڻي موقف کي ساراهيو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آزاد آذربائيجاني علائقن جي تازي دوري کي نهايت اهم قرار ڏنو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه، عالمي واپار ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن آذربائيجان، پاڪستان ۽ ترڪيه جي پارلياماني اسپيڪرز وچ ۾ ٽه ڌري اجلاس جلد منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پارلياماني وفد ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر ميمبر شامل آهن، جيڪي آذربائيجان لاءِ پاڪستاني پارليامان جي حمايت جو مظهر آهن. پاڪستان جي قومي اسيمبلي آرمينيا ۽ آذربائيجان جي ڇڪتاڻ جي موقعي تي قومي آذربائيجان جي حمايت ۾ ٻه ٺهراءَ گڏيل طور تي منظور ڪيا. اسيمبلي آرمينيا جي اڳرائي خلاف پنهنجي ٺهراءَ ۾ ڀرپور مذمت ڪئي. ان موقعي تي ملي مجلس جي اسپيڪر پاڪستان طرفان مستقل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائپي وارن لاڳاپن کي فخر جوڳو قرار ڏنو. هن آذربائيجان، پاڪستان ۽ ترڪيه ٽه ڌري پارلياماني اجلاس ۽ 2021ع ۾ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي خوشگوار قرار ڏنو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ريت اڏامن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر ملي مجلس ۾ موجود مهمانن جي يادداشت واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، چوڌري افتخار نذير، صادق افتخار ۽ وفد جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.