اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عبدالستار بچاڻي جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مُوجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مرحوم جي پونئيرن جي نالي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ عبدالستار بچاڻي جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته عبدالستار بچاڻي جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، سندس وفات سوڳوار خاندان ۽ تڪ جي عوام لاءِ وڏو نقصان آهي. اسپيڪر، عبدالستار بچاڻي جي پُٽ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ذوالفقار علي بچاڻي ۽ سندس پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي بلند درجن ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.