اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدرت هيٺ اجلاس ۾ وزيراعظم جي پنکا تبديلي پروگرام ۽ ان کي جلد جاري ڪرڻ جي حوالي سان تيارين جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر، پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ۽ ناڻي وزارت، توانائي وزارت سميت لاڳاپيل ادارن جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير ۽ شرڪت ڪندڙن کي انرجي ايفيشنسي ۽ ڪنزرويشن اٿارٽي طرفان پروگرام جي عملي تيارين ۽ شروعات بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بينڪن سان معاهدن جي پوري ٿيڻ، بينڪنگ سسٽمز جي ضم ٿيڻ ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي فني مدد ۽ ساليوشنز ذريعي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جهڙن اهم نقطن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سينيٽر محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي ان منصوبي تي خاص ڌيان کي اجاگر ڪندي چيو ته هي پروگرام توانائي جي بچت، مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ ۽ معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سندس چوڻ هو ته ان سان صارفين جي رويي ۾ هاڪاري تبديلي ايندي، بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ مجموعي طور تي ملڪي معيشت کي فائدو پهچندو. هن سمورن اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري بينڪ جي شعبي جي ڀرپور شرڪت ۽ سهڪار کي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ سمورا ضروري قدم مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن مهيني جي پڄاڻي تائين پروگرام جي پهرين مرحلي کي تيار بينڪن جي شموليت سان شروع ڪري سگهجي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معاشي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌاراتي ايجنڊا تحت پروگرام جي وقت سر پوري ٿيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.