لاهور-07 جولاءِ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني وسيلن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي 1973ع جي آئين ۾ موجود شقُون صرف ڪاغذن جي حد تائين ناهن پر اهي برابري، آزادي ۽ حقن جي ضمانت آهن، 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 36 جو تعلق پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ بابت آهي، هي آرٽيڪل پاڪستان جي آئين جي ان باب ۾ شامل آهي جيڪو رياست جي بنيادي اصولن بابت آهي ۽ هي رياست جي اخلاقي ۽ سماجي ذميدارين جي نشاندهي ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن سول سروسز اڪيڊمي ۾ رٿيل هڪ تقريب کي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته ملڪ کي اسان سڀني کي گڏجي هلائڻو آهي، اسان کي گڏجي معاشرت جي تعمير لاءِ سوچڻو پوندو، پاڪستان کي هن وقت محبتون ورهائڻ وارن جي ضرورت آهي، نه ڪي حڪم هلائڻ وارن جي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان پاڪستاني آهيون، چاهي اڪثريت هجي يا اقليت، اسان جو هڪ ئي تعارف آهي، جهنڊي ۾ اڇو رنگ صرف هڪ علامت ناهي پر اهو رنگ اسان جي روين ۾ نظر اچڻ گهرجي. وزيراعظم جي هدايت تي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائڻ لاءِ موجود آهيان ته پاڪستان جو اهو خواب جيڪو قائداعظم محمد علي جناح ۽ اسان جي آئين ڏٺو، اهو صرف هڪ خواب نه پر هڪ حقيقت آهي، اسان سڀ هڪ قوم آهيون ۽ اسان کي اُن پاڪستان طرف به ڏسڻو پوندو جيڪو پُٺتي پيل آهي، جنهن کي اسان جي توجهه جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته سول سروس اڪيڊمي کي قوم جا معمار ۽ خدمتگذار پيدا ڪرڻا آهن، هي اهو ادارو آهي جتان توهان کي هڪ مشن کڻي نِڪرڻو آهي، هي اهو دؤر ناهي رهيو جڏهن اسان نو آبادياتي دؤر جي انداز ۾ معاملا ڏسندا هئاسين، هاڻي محبت، همدردي ۽ گذارشات جي ضرورت آهي، نفرت جي نه. سول سروسز اڪيڊمي اها درسگاهه آهي جتان اهڙا آفيسر نڪرڻ گهرجن جيڪي قانون کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ محبت، برداشت ۽ رواداري جا علمبردار هجن. هن اقليتن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن جي قيام جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اها ڪميشن پاڪستان جي آئين جي شقن 20، 26، 27 ۽ 36 تحت اقليتن جي تحفظ، سندن برابريءَ وارن موقعن ۽ شموليت کي يقيني بنائڻ لاءِ بنائي وئي آهي. اهي آئيني شقون صرف ڪاغذن ۾ نه پر هڪ زنده حقيقتون آهن، جن تي عملدرآمد اسان جي قومي ترقيءَ جو بنياد آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي ڪم ڪريون ٿا ته انشاءَ الله اهو وقت پري ناهي جڏهن اقليتن لاءِ خاص قدمن جي ضرورت نه پوندي ۽ هر ٽيون يا چوٿون آفيسر اقليتي برادريءَ مان هوندو. جڏهن ته تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسيمبلي جي ميمبرن آئين مطابق حلف ورتو آهي ته هو پنهنجا فرض منصبي ديانتداري سان سرانجام ڏيندا، جيڪڏهن ڪو ميمبر ان حلف جي خلاف ورزي ڪري ٿو ته اسپيڪر وٽ اختيار آهي ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪري. هن چيو ته اسپيڪر 26 ميمبرن خلاف ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. هن چيو ته مخالف ڌر کي احتجاج جو حق حاصل آهي، پر ڪرسيون هڻڻ، مائيڪ ٽوڙڻ ۽ ايوان جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ احتجاج نه پر قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙن عنصرن خلاف قانون حرڪت ۾ اچڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ايوان جي وقار ۽ جمهوري روايتن کي نظر ۾ رکندي مسئلي جو اهڙو حل ڪڍي جيڪو ايوان جي تقدس کي برقرار رکي.