اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪارگل جنگ جي عظيم هيرو حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي 26 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پڌرائي مطابق سينيٽ چيئرمين چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جنهن جرئت، استقامت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو اهو اسان جي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، حوالدار لالڪ جان شهيد پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي مادِر وطن جي دفاع کي يقيني بنايو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ شجاعت جو اعليٰ ترين معيار قائم ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قوم کي پنهنجي اهڙن بهادر سپوتن تي فخر آهي جن مادِر وطن جي حرمت تي جان قربان ڪئي. هن چيو ته لالڪ جان شهيد جو نالو پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. سينيٽ چيئرمين، حوالدار لالڪ جان شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا به ڪئي.