اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته قبائلي ضلعن کي ضم ڪرڻ جو عمل واپس ناهي ٿي رهيو، خدشن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، وزيراعظم نيڪ نيتيءَ سان ڪميٽي بنائي پر ان تي به سياست ٿي رهي آهي، اسان جو مؤقف آهي ته منظور ٿيل قانونن کي بهتر بنائي سگهجي ٿو، ضم ٿيل ضلعن تي سياست چمڪائڻ افسوسناڪ آهي، ڪا نئين آئيني ترميم نه پئي ڪئي وڃي، ڪي پي ڪي ۾ حڪومتي پارٽي منتشر آهي، اسان جو في الحال ڪنهن سان ڪو به رابطو ناهي، سياست ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي، حالتن موجب فيصلا ڪنداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي پشاور جي دؤري جي موقعي تي ضم ٿيل ضلعن جو جرڳو ٿيو، قبائلي اڳواڻن جي خدشن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، وزيراعظم ان حوالي سان ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ سڀني چونڊيل نمائندن سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو، ضم ٿيل ضلعن ۾ عوام جي حالت ۾ بهتري آڻڻ جو ٽاسڪ مليو آهي، سڀني جي صلاح مشوري سان ڪوشش ڪنداسين ته قبيلن جا خدشا ختم ٿين، افسوس آهي ته مخالف ڌر ڪميٽي جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته قبائلي ضلعن کي ضم ڪرڻ جو عمل واپس ناهي ٿي رهيو، خدشن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ملڪ هاڻي ترقي لاءِ ٽيڪ آف ڪري چڪو آهي، مخالف ڌر وارا آئين ۽ ڪميٽي ۾ پنهنجن خدشن تي ڳالهيون ڪن، 18هين ترميم کي ختم ناهيون ڪري رهيا، ايف سي آر جو پُراڻو نظام واپس ناهيون آڻي رهيا. هن چيو ته جتي قانون لاڳو ڪرڻ جو مسئلو هجي ته ان ۾ گڏيل صلاح مشوري سان بهتري آڻي سگهجي ٿي، قبائلي عوام جي حقن جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ ڪميٽيءَ جي ايجنڊا آهي. هن چيو ته وزيراعظم فاٽا ۽ جرڳي سسٽم بابت ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ وڏو وزير، گورنر، وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا ميمبر شامل آهن. ڪميٽي سمورين ڌُرين سميت پارليامينٽيرينز سان پڻ صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان علاوه پارليامينٽ جي اڳوڻن ميمبرن، سياسي پارٽي ۽ بيورو ڪريٽس سان به ملڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گهڻن ماڻهن سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، مختلف قسم جا پروپيگنڊا ڪيا ويا. وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دؤر ۾ فاٽا کي ضم ڪيو ويو، فاٽا جي ضم ٿيڻ کي واپس ڪرڻ وارين افواهن جي ترديد ڪريان ٿو. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن فاٽا سڙي رهيو هجي ته ڇا اسان مداخلت نه ڪنداسين؟ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا. وفاقي وير چيو ته ماڻهن جي شڪايت آهي ته سستو ۽ فوري انصاف ناهي ملي رهيو، ضم ٿيڻ جو فائدو ناهي ملي رهيو، ضم ٿيل ضلعن ۾ گورننس جو مسئلو آهي، پر مدعو ڪرڻ باوجود به پي ٽي آءِ ڪميٽيءَ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پهرئين اجلاس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شريڪ هئا. هن چيو ته وزيراعظم جرڳه بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو پر آئين ۽ قانون تحت جرڳه سسٽم جي جائزي جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته نوٽيس ڏيڻ بنا ماڻهن جون عمارتون ڪيرائڻ زيادتي آهي، مان 2008ع ۾ تعمير ٿيل هوٽل خريد ڪيو، منهنجي هوٽل جا سمورا قانوني ضابطا مڪمل آهن جيڪڏهن اهو غير قانوني هجي ها ته ڪڏهن جو ڪيرائي چڪا هجون ها. امير مقام چيو ته ڪي پي ڪي ۾ حڪومتي پارٽي منتشر آهي، اسا في الحال ڪنهن سان رابطو ناهي ڪيو پر سياست ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي ۽ حالتن موجب فيصلا ڪنداسين. پريس ڪانفرنس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن جو سيڪريٽري ظفر حسن پڻ موجود هو.