اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) پوري ملڪ ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ پنهنجي باوفا ساٿين سان گڏجي لازوال قرباني ڏيندڙ امام عالي مقام حسين عليه السلام ۽ سندس باوفا ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عاشوري جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، هر طرف يا حُسين عه سلام جُون صدائُون هيُون. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي مُلڪ ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا ۽ مجلسُون برپا ڪيون ويون، جن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس جي هزارين اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته رينجرز جي جوانن پڻ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. اسلام آباد سميت ڪراچي، لاهور، لاڙڪاڻو، بدين، سکر، روهڙي، شڪارپُور، خيرپُور، راولپنڊي، سيالڪوٽ، ديصل آباد، مُلتان سميت سڄي مُلڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي جلوسن جي روٽن تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ سان گڏ گذرگاهن جي مختلف هنڌن تي سي سي ٽي ڪئمرائون لڳايون ويون ۽ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙن ماڻهن جي تلاشي وٺڻ سان گڏ کين واڪ ٿرو گيٽن مان گذاري کين داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي.

روهڙي ۾ نون ڍالن جو قديمي جلوس برآماد ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي مُلڪ مان لکن جي تعداد ۾ عزادارن شرڪت ڪئي، سنڌ جي مُختلف شهرن ۾ سيڪيورٽي جي سخت انتظامن جو سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن جائزو ورتو، جڏهن ته هر هنڌ نياز امام حسين عليه السلام ورهائڻ سان گڏوگڏ ٿڌي پاڻي جون سبيلون پُڻ لڳايون ويون. مجلسن ۽ جلُوسن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪري، نُوحا خواني ۽ ماتم ڪندي امامِ عالي مقام کي پنهنجو پُرسو ڏنو، جڏهن ته ذاڪرين مجلسن ۽ شام غريبان ۾ ڪربلا معليٰ ۾ امام حُسين عه سلام جي لازوال قرباني جو مقصد بيان ڪيو.