اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ افغان سرحد تي ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن فتنه الخوارج جي 30 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته دهشتگردن خلاف وقت سر ۽ موثر ڪارروائي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي.ڀارتي پٺڀرائي وارن دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو پيو وڃي. فتنه الخوارج جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي جرئتمنداڻا قدم واکاڻ جوڳا آهن. قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي قربانين ۽ بهادري تي فخر آهي. فتنه الخوارج خلاف پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا قدم واکاڻ جوڳا آهن.