اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ افغان سرحد تان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته فتنه الهندستان جي 30 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي فتنه الهندستان جي 30 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جي 30 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي. فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۽ پٺڀرائي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين. محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين تي تحسين جي نگاهه سان ڏسي ٿي. محسن نقوي چيو ته پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت تي فخر آهي. قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.