اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي) ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قائم خصوصي ٽاسڪ فورسز جو اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ زائرين جي سهولت ۽ سيڪيورٽي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي ٽاسڪ فورس جي چيئرمين وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٽاسڪ فورس جو اجلاس منعقد ٿيو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ زائرين جي سهولت ۽ سيڪيورٽي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي سول ايوي ايشن اختيارين بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ايران لاءِ هفتيوار اڏامن جو انگ 6 کان وڌائي 15 ڪيو ويو آهي. اربعين تي عراق لاءِ 107 خاص اڏامن جو انتظام ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين لاءِ اڏامن جو انگ وڌيڪ وڌائڻ تي غور ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مستقبل ۾ زائرين کي وڌيڪ بهتر سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ فيري سروس جي به شروعات ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عاشوره کانپوءِ اربعين لاءِ سيڪيورٽي صورتحال جو نئين سر جائزو وٺي زائرين جي زميني رستي ذريعي سفر بابت فيصلو ڪيو ويندو. ٽاسڪ فورس جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي زائرين کي ڪنهن به قسم جي مشڪل يا پريشاني کان محفوظ رکڻ ترجيح آهي، هن چيو ته زائرين جي حفاظت سڀني کان وڌيڪ عزيز آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ سال پهرين جنوري کان زائرين گروپ آرگنائيزرز جو نئون سسٽم لاڳو ٿيندو جڏهن ته سالار سسٽم کي مڪمل طور رد ڪيو ويندو. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پهرين جنوري 2026ع کان زائرين رڳو گروپ آرگنائيزرز سسٽم تحت زيارت لاءِ وڃي سگهندا. گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪئي ته ايف آءِ اي ۽ لاڳاپيل ادارا زائرين جي آڙ ۾ عراق ويندڙ غير قانوني ماڻهن کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زائرين گروپ آرگنائزرز جي رجسٽريشن لاءِ هن وقت تائين 1413 درخواستون مليون آهن، درخواستن جي جاچ پڙتال ۽ ڇنڊ ڇاڻ جو عمل جاري آهي،اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري، سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي نمائندن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي سول ايوي ايشن، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلوچستان، آءِ جي بلوچستان، ڪمشنر ڪوئيٽا ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن زوم ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.