اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) پاڪستان قطر ۾ آمريڪا جي العديد ايئربيس تي حملن جي نتيجي ۾ خطي ۾ سلامتي جي صورتحال ۾ خراب ٿيندڙ سنگين صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي ۽ خطري جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام جي اصول جي تازي خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان عالمي قانون جي بنيادي اصولن جي پاسداري ۽ سمورين ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان سمورن تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏي ٿو.