اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير ۽ قطر جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سدائين ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو آهي. پنهنجي ”ايڪس“ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن جي حملن کانپوءِ قطر جي امير ۽ قطر جي ڀائر عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قطر جي سفير سان ملاقات ٿي آهي، اسان قطر جي ڀينرن ڀائرن ۽ پوري خطي جي سلامتي جي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو رستو رڳو ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ۾ آهي، پاڪستان سدائين وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو آهي.