اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن 21 کان 22 جون استنبول ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي موقعي تي ملاقات تي پڻ اتفاق ڪيو.