اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ بيسٽ اسڪول پرائزز 2025ع ۾ ٽن پاڪستاني اسڪولن کي دنيا جي ٽاپ ٽين ڪميونٽي تعاون سان هلندڙ اسڪولن ۾ جڳهه ٺاهڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم ورلڊ بيسٽ اسڪول پرائيزز 2025ع ۾ ٽن پاڪستاني اسڪولن سنجن نگر پبلڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ هايئر سيڪنڊري اسڪول لاهور، بيڪن هائوس ڪاليج پروگرام (جونيئر ڪئمپس) ڪوئيٽا ۽ نارڊڪ انٽرنيشنل اسڪول لاهور کي دنيا جي ٽاپ ٽين ڪميونٽي تعاون سان هلندڙ اسڪولن ۾ جڳهه ٺاهڻ تي انهن اسڪولن جي انتظاميا، استادن ۽ شاگردن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انهن اسڪولن جديد نصاب، تحقيق، ٽيڪنالاجي، ماحوليات، پٺتي پيل ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي ترقي جي حوالي سان پنهنجو نالو ٺاهيو آهي، انهن تعليمي ادارن ملڪ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙا تعليمي ادارا اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهن، پاڪستان حڪومت ملڪ ۾ جديد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.