اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبن سميت سمورين وفاقي اڪائين کي ملڪ ۾ نئين پاڻي جي تعمير جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، غيرتڪراري ذخيرن جي تعمير کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو، نئين ڊيمز جي تعمير سمورن صوبن جي اتفاق سان ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پاڻي وسيلن بابت معاملن تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي ۽ سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي پاڻي جارحيت آهي، معرڪه حق وانگر ڀارت کي ان جي پاڻي جارحيت جو نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي 24 اپريل جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تحت جواب ڏنو ويندو ۽ پاڪستان ان معرڪه ۾ پڻ فتح ماڻيندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبن سميت سمورين وفاقي اڪائين کي ملڪ ۾ نئين پاڻي جي ذخيرن جي تعمير جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته غيرتڪراري ذخيرن جي تعمير کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو، نئين ڊيمز جي تعمير، سمورن صوبن جي اتفاق سان ٿيندي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي حوالي سان نوان ڊيمز ٺاهڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو. بيان موجب چئني صوبن، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم هڪ زبان ٿي ڀارت جي پاڻي جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ ان حوالي سان وفاقي حڪومت سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بُنيان مرصوص بڻجي ملڪ جي پاڻي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ نوان پاڻي ذخيرا ٺاهڻ ۽ انهن جي فنڊنگ جي حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ڪميٽي نئين ڊيمز جي تعمير جي حوالي سان فنڊنگ جي حوالي سان مختلف حڪمت عملين جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، گلگت بلتستان جو وڏو وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وفاقي وزير شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي 72 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ پاڻي وسيلن ۽ دريائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير جو ڪم جاري آهي جنهن کي 2032ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، مهمند ڊيم 2027ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، هن وقت ملڪ ۾ 11 ڊيمز آهن جن جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي مجموعي صلاحيت 15.318 ملين ايڪڙ فٽ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي تحت 32 ننڍا وڏا ڊيمز تعمير هيٺ آهن جڏهن ته سالياني ترقياتي پروگرام تحت 79 ڊيمز تعمير هيٺ آهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف دي آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير معين وٽو، وزيراعظم جي سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان، ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.