ڪراچي-05 جون (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماحول جي تحفظ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ زمين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري ۽ اجتماعي قدمن جي ضرورت آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان کي هڪ سبز انقلاب جي ضرورت آهي، اهڙو سبز انقلاب جيڪو رڳو زراعت تائين محدود نه هجي پر سوچ، گورننس ۽ اسان جي روز مره جي زندگين ۾ شامل هجي. هن چيو ته پاڪستان جو ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر موسمياتي تبديلي جي بدترين اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان دنيا کان پنهنجي عوام لاءِ موسمياتي انصاف چاهي ٿو، جيڪو ڌرتي کي گدلو ڪن ٿا کين انهن ماڻهن کي حساب ڏيڻو پوندو جيڪو ماحولياتي تباهي کي منهن ڏيندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي شهيد بينظير ڀٽو جي بصيرت کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. بي بي شهيد ماحول دوست سوچ کي ان وقت قومي ترجيح بڻايو جڏهن دنيا ان حوالي سان شروعاتي مرحلن ۾ هئي. بي بي شهيد جو ويزن اج به اسان جي توانائي جي پاليسي، ٻيلن جي تحفظ ۽ آبي وسيلن جي بقاءَ جي عزم ۾ زنده آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انسانن جي غفلت، لالچ ۽ بي حسي سبب زمين کي پهتل زخمن جي علاج جو سوچڻو پوندو، اسان جنهن هوا ۾ ساهه کڻون ٿا، جيڪو پاڻي پيئون ٿا، جنهن زمين تي رهون ٿا، اهي سڀ سڏي رهيا آهن، نوجوان ايندڙ سڀاڻي جا نگهبان آهن، پنهنجو آواز، پنهنجو ووٽ ۽ پنهنجي ويزن جو استعمال ڪن.